اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي مي??برن جا ن??لا اي سي ايل سميت ٻين فهرستن ۾ وجهڻ جا تفصيل فراهم نه ڪري مخالف ڌر غيرسنجيدگي جو مظاهرو ڪري رهي آهي، مخالف ڌر جي جن مي??برن جا ن??لا اي سي ايل يا پي اين آءِ ايل ۾ شامل آهن جا سمورا تفصيل فراهم ڪن، سمورا تفصيل کڻي انهن کي آگاهه ڪنداسين ته انهن جا ن??لا ان فهرست ۾ ڇو شامل ڪيا ويا آهن. قومي اسيمبلي ۾ عمر ايوب خان، گوهر علي خان، ملڪ محمد عامر ڊوگر ۽ محمد رياض خان ??ار??ن قومي ۽ صوبائي اسيمبلي مي??برن جا ن??لا اي سي ايل، عبوري قومي سڃاڻپ فهرست ۽ بلاڪ لسٽ مان نه ڪڍڻ بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ايوان کي ٻڌايو ته اي سي ايل، پي اين آءِ ايل ۽ بلاڪ لسٽ ايف آءِ اي، اميگريشن ۽ پاسپورٽ ڏسن ٿيون، اهي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي مي??برن يا ٻئي ڪنهن بنياد تي ناهن هونديون، نه ئي ان جي ڪا درجابندي آهي ان جي لاءِ قاعدا ۽ ضابطا ٺهيل آهن. اسان ان مرحلي مان گذريا آهيون هڪ وقت هو جڏهن ان وقت جي مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي باوجود کيس ايئرپورٽ تي روڪيو ويو هو. ڪو به جاچ ادارو جڏهن ڪو نالو انهن فهرستن ۾ وجهڻ جي لاءِ گذارش ڪري ٿو ته پوءِ ئي نالو وڌو وڃي ٿو. هن ٻڌايو ته جن مي??برن جا ن??لا شامل ڪيا ويا آهن انهن جا سبب ڄاڻڻ جي لاءِ اسان کي انهن جا نالا، ولديت ۽ سڃاڻپ ڪارڊ نمبر فراهم ڪيا وڃن، اسان آگاهه ڪري ڇڏينداسين. عمر ايوب خان جي سوال جي جواب ۾ عطاءُ الله تارڙ ٻڌايو ته هن ايوان جو هڪ تقدس آهي، اسان مخالف ڌر ۾ هوندي ڪڏهن ان کي سرڪس جو نالو نه ڏنو، اسان روايتن جا امين آهيون. هن ايوان جي مي??برن جو هڪ ٻئي سان تعلق آهي. جيڪڏهن مي??بر چاهين ٿا ته اي سي ايل، پي اين آءِ ايل ۽ بلاڪ لسٽ مان ن??لا ڪڍيا وڃن ته مي??برن جي فهرست فراهم ڪئي وڃي. جيڪي ن??لا انهن فهرستن ۾ وڌا ويا آهن اهي ڪنهن نه ڪنهن قانون ۽ ضابطي تحت ئي وڌا ويا آهن. مخالف ڌر جيڪڏهن ن??لا ڪڍر??ئڻ جي حوالي سان سنجيده هجي ها ته اهي اسان کي ن??لا فراهم ڪن ها. اسان کي ن??لا فراهم ڪيا وڃن ته جيئن لاڳاپيل عملدارن تائين پهچايون. پنهنجو پاڻ کي نامعلوم مان ڪڍي پنهنجي سڃاڻپ ٻڌائين، ان فهرست ۾ هڪطرفي طور تي بنا نوٽيس ڏيڻ جي نالو نٿو وڌو وڃي. گوهر علي خان جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته پي اين آءِ ايل ۾ 1926 ن??لا شامل آهن، اي سي ايل ۾ 4842 ن??لا شامل آهن. اسان کي مي??برن جي فهرست فراهم ڪئي وڃي ته جيئن انهن جي اسٽيٽس جي حوالي سان آگاهه ڪريون. اي سي ايل جي لسٽ ۾ عهدا ناهن لکيا ويندا. ملڪ عامر ڊوگر جي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير ٻڌايو ته مي??بر پاڻ ڪنهن به پارٽي سان هجي ان جو هڪ استحقاق آهي، اسان کي ان استحقاق جو احترام آهي. اسان کي مي??برن جي فهرست ڏني وڃي ته جيئن اسان انهن جي مدد ڪري سگهون. اسان کي اهڙي طرح هڪ هڪ مي??بر جو اسٽيٽس ٻڌ??ئڻ ۾ آساني ٿيندي جڏهن ته مخالف ڌر کي عدالتي معاملن ۾ به آساني ٿيندي. تفصيل اچڻ تي مڪمل تعاون ڪنداسين. محمد رياض خان جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته پاڪستان جو آئين چرپر جي آزادي جي ضمانت ڏي ٿو اتي آئين تحت ٺاهيل قانون ۾ اي سي ايل کي جوڙيو وڃي ٿو. ان جا قانون آئين کان مٿانهون نه آهن، جيڪڏهن اهي آئين کان مٿانهون هجن ها ته انهن کي ختم ڪري چڪا هجون ها. مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب خان چيو ته اسپيڪر آفيس صوبائي ۽ قومي اسيمبلي مي??برن جن جا ن??لا اي سي ايل، پي اين آءِ ايل يا بلاڪ لسٽ ۾ شامل آهن انهن جا تفصيل وٺي لاڳاپيل وزير کي ڏي، جنهن جي جواب ۾ عطاءُ الله تارڙ چيو ته مخالف ڌر ان معاملي جي حل ۾ سنجيده ئي نه آهي اها رڳو گيلري ۾ کيڏڻ چاهي ٿي، دادرسيءَ جي لاءِ ڪاغذي ڪارروائي جي تڪميل لازمي آهي. اسان کي ن??لا فراهم ڪيا وڃن، اسان ان نتيجي تي پهتا آهيون ته هي معاملو حل ڪرڻ نه ٿا چاهين. ملڪ عامر ڊوگر چيو ته 11 مي??برن جون درخواستون اسپيڪر گهرو وزارت کي موڪليون جيڪي رد ٿيون. ان تي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته اسيمبلي آفيس مان فهرست فراهم ڪري ٿا ڇڏيون ٻڌايو وڃي ته ڪيترن ڏينهن ۾ ان حوالي سان لاڳاپيل وزير رپورٽ پيش ڪندو. جنهن تي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته انهن 11 ماڻهن جي حوالي سان ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ ئي لکيو وڃي ها يا جدا سان ڪو ڌيان ڇڪايو نوٽيس جمع ڪرائين ها. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته انهن کي فهرست فراهم ڪئي ويندي ان جي رپورٽ فراهم ڪئي وڃي.