اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مارگلا جي ??بلن تي لڳل باهه تي وقت سر ضابطو آڻڻ تي سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ آفيسرن جي ڪوششن کي ساراهي??دي چيو آهي ته باهه سان ٻي??ن کي پهچندڙ نقصان جو تعين ڪري ان جي ??حالي جي لاءِ قدم کنيا وڃن، باهه ۾ زخمي ٿيندڙ جهنگلي جيوت کي ويٽرنري ڊاڪٽرز هر ??مڪن طبي امداد فراهم ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج، اين ڊي ايم اي، اسلام آباد انتظاميا ۽ موسمياتي تبديلي واري ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم ۽ موسمياتي تبديلي واري وزارت جي ??فيسرن ۽ اهلڪارن جي ??اهه اُجهائڻ جي لاءِ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، پاڪ فوج پاران باهه اجهائڻ جي لاءِ هيليڪاپٽرز جي فراهمي تي ٿورائتا آهيون. هن چيو ته باهه اجهائڻ جي ??پريشن ۾ وزيراعظم هائوس جا هيليڪاپٽرز، س??سٿ ايوي ايشن پڻ وزيراعظم جي هدايت تي حصو ورتو. وزيراعظم انهن جي ڪوششن جي پڻ پذيرائي ڪئي. هن چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان باهه سان ڪو جاني نقصان نه ٿيو، باهه سان ٻي??ن کي پهچندڙ نقصان جو تعين ڪري ان جي ??حالي جي لاءِ قدم کنيا وڃن، باهه ۾ زخمي ٿيندڙ جهنگلي جيوت کي ويٽرنري ڊاڪٽرز هر ??مڪن طبي امداد فراهم ڪن.