ا??لا?? آباد – 16 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ هٿيارن جي ڪن??رو?? ۽ عدم ڦهلاءُ تي ڳالهين جو ڇهون دور ا??لا?? آباد ۾ ٿيو. پرڏيهي ايڊيشنل سيڪريٽري (آرمز ڪن??رو?? ۽ هٿيارن جو خاتمو) محمد ڪامران اختر ۽ برطانيا جي پرڏيهي، ڪامن ويلٿ اينڊ ڊيولپمينٽ آفيس جي دفاع ۽ عالمي ??لا??تي واري ڊائريڪٽر اسٽيفن للي پنهنجي پنهنجي وفدن جي قيادت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڳالهين دوران هٿيارن جي ڪن??رو??، هٿيارن جي خ??تمي ۽ عدم ڦهلا5 بابت موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ڌرين عالمي ۽ علائقائي ??لا??تي، نئ??ن ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز بشمول مصنوعي ذهانت جي فوجي استعمال ۽ ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال بابت مسئلن ??ي پنهنجي موقف جي حصيداري ڪئي. بيان موجب ڳالهه ٻولهه ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي فرسٽ ڪميٽي جي ايجنڊا، هٿيارن جي خ??تمي بابت ڪانفرنس سان گڏوگڏ عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) ۽ ڪيميائي هٿيارن جي خ??تمي واري تنظيم (او پي سي ڊبليو) بابت معاملا شامل هئا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڳالهه ٻولهه خوشگوار ماحول ۾ ٿي ۽ ٻنهي ملڪن هٿيارن جي ڪن??رو??، هٿيارن جي خ??تمي ۽ عدم ڦهلاءُ بابت معاملن ??ي گهڻ رخي فورمز تي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ڳالهين جي انعقاد ۾ تسلسل کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت جو ورجاءُ ڪندي ڌرين مشاورت جو ستون دور ايندڙ سال لنڊن ۾ گڏيل طور تي طئي ٿيل تاريخ ۾ تي منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. بيان موجب اها ڳالهه ٻولهه پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفي ڳالهه ٻولهه جي هڪ باقاعده خصوصيت آهي ۽ اهو ٻنهي ملڪن کي عالمي هٿيارن جي ڪن??رو?? ۽ هٿيارن جي خ??تمي جي منظرنامي جو جائزو وٺڻ ۽ علائقائي ۽ عالمي ??لا??تي جي صورتحال تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو.