اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف جي وچ ۾ پرڏيهي آفيس ۾ وفدن جي سطح تي ملاقات ٿي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ موجب ملاقات ۾ ٻطر??ن لاڳاپن جي حوالي سان اڳڀرائي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي اڳواڻن واپار، توانائي، دفاع، تعليم، موسمياتي تبديلي ۽ علائقائي ??ابطن سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن ش??بن ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي ع??م جو ورجاءُ ڪيو.