??ين??ن – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ين??ن ۾ نانشان ون اسٽاپ سروسز سينٽر ۽ ??ين??ن ايگزيبيشن ميوزيم جو دورو ڪيو ۽ موقعي تي ئي وفاقي وزيرن ۽ لاڳاپيل پاڪ??تا??ي عملدارن کي اڄ ئي نانشان ون اسٽاپ سروسز سينٽر سان ڳالهيون ڪري پاڪ??تا?? ۾ اهڙي جديد نظام جي قيام جي لاءِ حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نانشان ون اسٽاپ سروسز سينٽر پهچڻ تي ??ين??ن نانشان ڊسٽرڪٽ پيپلز گورنمينٽ جي پارٽي ليڊرشپ گورنمينٽ جي ميمبر ۽ ڊپٽي ميئر لي زنها وزيراعظم جو استقبال ڪيو. نانشان ون اسٽاپ سروسز جي دوري دوران وزيراعظم کي ڪمپنين جي هڪ ئي ڇت هيٺ رجسٽريشن ۽ ٻي ڪارروائي جي حوالي سان ڊيجيٽل نظام تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم نانشان ون اسٽاپ سروسز ۾ ڪمپني ۽ ڪاروبار جي رجسٽريشن جي لاءِ جديد نظام کي ساراهيو. وزيراعظم انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي پاڪ??تا?? ۾ اهڙو نظام متعارف ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي نانشان ون اسٽاپ سروسز جي عملدارن سان ڳالهيون ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ هن چيني تعاون سان پاڪ??تا?? ۾ فوري طور تي اهڙا سينٽر قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪ??تا??ي عملدارن کي ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم پاڪ??تا??ي عملدارن کي شهرين کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ اهڙو ئي جديد ۽ تيز تر نظام متعارف ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وزيراعظم ??ين??ن جي ارتقاءَ ۽ ترقي جي حوالي سان قائم ??ين??ن ايگزيبيشن ميوزيم جو دورو پڻ ڪيو. دوري دوران وزيراعظم کي ??ين??ن جي ترقي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ميوزيم جي مختلف ح??ن جو دورو ڪيو ۽ ??ين??ن جي گهٽ مدي ۾ ترقي جي سفر کي ساراهيو.