اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن و??ري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه ??ان قطر سا??نس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جي صدر ڊاڪٽر جيڪ لاو جمعي ڏينهن سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ اسٽارٽ اپ ايڪو سسٽم ۽ انوويشن جي حوالي ??ان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ آءِ ٽي و??ري مملڪتي وزير کي قطر سا??نس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جي حوالي ??ان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. قطر سا??نس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جي صدر ڊاڪٽر جيڪ لاو چيو ته پاڪستاني ڪمپنيون قطر ۾ پنهنجون آفيسون قائم ڪن، پاڪستاني ڪمپنين جي قطر ۾ موجودگي وچ اوڀر جي مارڪيٽ تائين بهتر رسائي ۾ مددگار ٿيندي. چاهيون ٿا ته پاڪستاني انٽر پرينيورز قطر ۾ اچي فائونڊيشنل ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪن. آءِ ٽي و??ري مملڪتي وزير شزه فاطمه چيو ته موجوده حڪومت انٽر پرينيورشپ ۽ انوويشن کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم شهباز شريف جو ڌيان نوجوانن جي جديد ٽيڪنالاجي ۾ ٽريننگ ۽ انهن جي صلاحيت وڌائڻ تي آهي. ا??ان جا نوجوان وڌيڪ صلاحيتن وارا آهن، پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ اسٽارٽ اپس ايڪسچينج پروگرام شروع ڪري سگهجي ٿو، ان حوالي ??ان اگنائٽ ۽ قطر سا??نس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته اهو اهم آهي ته قطر ۾ پاڪستاني شاگردن کي قطر سا??نس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جو دورو ڪرايو وڃي. پاڪستان ۽ قطر ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. ملاقات ۾ آءِ ٽي جي ايڊيشنل سيڪريٽري عائشه حميرا مورياڻي به موجود هئي.