اسلام آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي ته چين جي ??لو??ل ڊولپمينٽ ??ني??يٽو جي ذريعي جٽادار ترقي ۽ گڏيل خوشحالي کي يقيني بنائڻ جي لاءِ اوڀر وارين قومن جي گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. ??لو??ل ڊولپمينٽ ??ني??يٽو ۾ گڏيل ترقي کي هٿي ڏئي دنيا جو مستقبل جوڙڻ جي وڏي صلاحيت آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ طرفان جاري پڌرائي مو??ب اهڙو ??ظه??ر هن بيجنگ ۾ چائنا انٽرنيشنل ڊولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي جي انتظام هيٺ گڏيل ترقي بابت عالمي ايڪشن واري فورم جي ٻئين اعليٰ سطحي اجلاس کي ورچوئل خطاب دوران ڪيو. صدر مملڪت چيو ته اسرندڙ ملڪ عالمي ترقي واري عمل ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪن، پائيدار ترقي ۽ صحت جهڙن عالمي چئلينجن کي اوڀر واري نقطه نظر سان ڏسڻ جي ضرورت آهي. صدر مملڪت چيو ته گهڻي ڀاڱي عالمي آبادي اوڀر وارن ملڪن خاص ڪري چين، پاڪستان ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن ۾ رهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان، صدر شي جن پنگ ۽ چين طرفان اوڀر وارن ملڪن ۽ سڄي دنيا جي اڳواڻي ۾ 21 هين صدي ۾ اڳتي وڌڻ جو خواهشمند آهي. چين جي ??لو??ل ڊولپمينٽ ??ني??يٽو جو مقصد پائيدار ترقي جي ايجنڊا تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ آهي. صدر مملڪت چيو ته پاڪستان ۽ چين ??لو??ل ڊولپمينٽ ??ني??يٽو تي عمل جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪري چڪا آهن.