راولپنڊي -28 جولاءِ (اي پي پي) حڪومتي ٽيم ۽ جماعت اسلامي وچ ۾ ڳا??هيون شروع ٿي ويون آهن، حڪومتي ڳا??هين واري ٽيم ۾ سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطا الله تارڙ، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان وارو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، مسلم ليگ (ن) جو سينئر اڳواڻ طارق فضل چو??ري?? وزيراعظم جو ميڊيا ڪو آرڊينيٽر بدر شهباز شامل آهن. جڏهن ته جماعت اسلا??ي جي وفد جي اڳواڻي لياقت بلوچ ڪري رهيو آهي، ان کان اڳ ڳا??هه ڪمشنر راولپنڊي جي آفيس آمد تي ميڊيا سان ڳا??هائيندي وفاقي وزير عطاالله تارڙ چيو ته جماعت اسلا??ي جي اڳواڻن سان ڳا??هين کان پوءِ سمورن معاملن کان آگاهه ڪيو ويند??، اسان طرفان ڳا??هين جي ٽيم ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي ويئي، اويس لغاري ملڪ ۾ موجود ناهي، هو چين ويو آهي. هن چيو ته جماعت اسلا??ي جي اڳواڻن سان گڏجي ويهي ڳا??هائينداسين، جماعت اسلا??ي جا بلن بابت معاملا آهن انهن جا خدشا ختم ڪنداسين. هن چيو ته 200 يونٽن تائين استعمال ڪندڙ بجلي صارفين کي اڳ ئي 50 ارب رپين جي سبسڊي ڏني وئي آهي. حڪومت سولر پراجيڪٽس به شروع ڪري رهي آهي. ڊيزل ۽ تيل تي هلندڙ پلانٽس کي بند ڪيو ويندو، سولر ٽيوب ويل لڳڻ سان بجلي جي کپت ۾ گهٽتائي ايندي. انهن قدمن جو مقصد سستي ۽ معياري بجلي پيدا ڪري بجلي جي قيمتن کي گهٽ ڪرڻ آهي.