اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پيرس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽڻ تي پاڪستاني ايٿليٽ ارشد نديم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آه?? ته فائنل ۾ شاندار اولمپڪس رڪارڊ قائم ڪرڻ ۽ ڊگهي ترين فاصلي تي جيولين ٿرو ڪرڻ وڏو ڪارنامو آه??. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ارشد نديم کي مبارڪباد جي پيغام ۾ چيو ??ه توهان پوري قوم جو فخر آه??و، ارشد نديم جي فتح پوري قوم جي فتح آه??. صدر چيو ??ه پيرس اولمپڪس ۾ پاڪستان جي لاءِ تمغو کٽي توهان اسان جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو. صدر آصف علي زرداري چيو ??ه ا??شد نديم اولمپڪس جهڙي وڏي مقابلي ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو، هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ارشد نديم کي مستقبل ۾ وڌيڪ ڪاميا??ين سان نوازي.