راولپنڊي – 13 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي و??ثي ۽ ثقافت واري وفاقي و??ير عطاءُ الله تارڙ جيولين ٿرور گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم کي اسلام آباد اچڻ تي ڀليڪار چوندي چيو آهي ته ارشد نديم قومي هيرو آهي، وزيراعظم جي خصوصي دعوت تي کيس اسلام آباد گهرايو ويو آهي. نور خان ايئربيس تي صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته ارشد نديم کي خصوصي جهاز جي ذريعي اسلام آباد آندو ويو آهي، ارشد نديم سرڪاري مهمان آهي، کيس اسٽيٽ پروٽوڪول ڏنو ويو آهي. هن چيو ته ارشد نديم سان گڏ سندس فيملي ۽ ڪوچ به موجود آهن. وفاقي و??ير چيو ته قومي هيرو جي وفاقي گادي و??ري شهر اچڻ تي خوشي آهي، اڄ وزيراعظم سندس اعزاز ۾ مانجهاندي جو اهتمام پڻ ڪيو آهي. هن چيو ته 14 آگسٽ جي مرڪزي تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ارشد نديم گڏجي جهنڊو ڦڙڪائيندا، ارشد نديم ٻين شهرن ۾ به آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. ان موقعي تي ڳالهائيندي گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم چيو ته هو پنهنجي و??لدين ۽ پوري قوم جو ٿورائتو آهي، قوم جي دعائن سان اڄ وڏي ڪاميابي ملي آهي. هن چيو ته 2012ع ۾ محمد شهباز شريف پنجاب يوٿ فيسٽيول منعقد ڪرايو، پنهنجي پهرين م??چ ان يوٿ فيسٽيول ۾ کيڏي. هن چيو ته ڊپارٽمينٽل اسپورٽس سان رانديگرن جي حوصلا افزائي ٿئي ٿي، 2015ع ۾ واپڊا ۾ شموليت اختيار ڪئي. هن چيو ته اولمپڪس ۾ ڪاميابي جي ل??ءِ مون تمام گهڻي محنت ڪئي، اڳ??ي به ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ جي ل??ءِ وڌيڪ محنت ڪندس. هن چيو ته منهنجي ڪوچ سلمان بٽ منهنجي ڪاميابي جي ل??ءِ تمام گهڻي محنت ڪئي، الله تعاليٰ گولڊ ميڊل سان نوازيو آهي، پاڪستان جي ل??ءِ وڌيڪ محنت ڪرڻي آهي ۽ پاڪستان جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪرڻو آهي.