اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باجوڙ ضلعي جي سرحدي علائقي ۾ خوارجي دهشتگردن جي خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي ۾ 5 خوارجي دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين ??يش ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج جا بهادر جوان سدائين ??لڪ جي حفاظت جي لاءِ شيهي جي ديوار ب??جي بيٺل آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موج?? وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج جا بهادر جوان سدائين ??لڪ جي حفاظت جي لاءِ شيهي جي ديوار ب??جي بيٺل آهن، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم خوارجي دهشتگردن سان بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ پاڪ فوج جي جوانن نائيڪ عنايت خان، لانس نائيڪ عمر حيات ۽ سپاهي وقار خان کي خراج عقيدت پيش ڪندي انهن جي درجن جي بلندي ۽ شهيدن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.