اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ڀارت تي زور ڏنو آهي ته هو ڪشميري عوام تي ڏاڍ جو خاتمو ڪري ته جيئن اها گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب پنهنجي خودمختياري جو حق استعمال ڪري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته گڏيل قومن جي انساني ح??ن جي لاءِ اسپيشل پروسيجرز هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي قابض فوج پاران ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي ح??ثيت ختم ڪرڻ ۽ والاريل علائقي ۾ صحافين ??ميت سول سوسائٽي جي ميمبرن، انساني ح??ن جي ڪارڪنن ۽ سياسي شخصيتن تي پابنديون هڻڻ تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ترجمان چيو ته گڏيل قومن جي اسپيشل پروسيجرز ان ڳالهه جو پڻ ذڪر ڪيو آهي ته ڀارت جي دهشتگردي جي خاتمي جي قانونن جو فريم ورڪ انساني ح??ن جي خلاف ورزين ۽ عالمي انساني ح??ن جي قانون جي خلاف ورزي ڪري رهيو آهي. گڏيل قومنج ي خصوصي طريقيڪار اڳ ۾ ئي والاريل علائقي ۾ انساني ح??ن جي خلاف ورزين ??ي انفرادي الزامن تي ڪيترائي ڀيرا آواز اٿاريو آهي جن ۾ غيرقانوني حراست، عدالت کان مٿانهين قتل، جبري گمشدگي، تشدد، اڻوڻندڙ سلوڪ، ڌمڪين ۽ انتقامي ڪاررواين کانسواءِ ڄمون ۽ ڪشمير اسٽيٽ هيومن رائيٽس ڪميشن جي اوچتو بندش شامل آهي جنهن خطي جي ماڻهن کي انهن جي انساني ح??ن ۽ بنيادي آزادين ??ي خلاف ورزي جي ازالي ۽ جوابدهي جي لاءِ تمام گهٽ قانوني سهولت فراهم ڪئي. ترجمان چيو ته گڏيل قومن پاران تازه ترين ??يان هڪ ٺوس دستاويز آهي جنهن ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي قانونن تحت والاريل ڪشمير ۾ انساني ح??ن جي خلاف ورزين ??و احاطو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اهو ڀارت تي انساني ح??ن جي رڪارڊ ۽ والاريل ڪشمير جي سنگين ??ورتحال تي فرد جرم ل??ڳو ڪري ٿو. ترجمان ڀارت تي زور ڏنو ته هو ڪشميري عوام تي پنهنجو ڏاڍ ختم ڪري ته جيئن اها گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب پنهنجي خودمختياري جو حق استعمال ڪري.