اسلام آباد – 12 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي لاهور ۾ دل جي مرض و??ري اسپتال ۾ وڪيلن جي حملي جي مذمت ڪندي فيصلو ڪيو آهي ته انسانيت جي مسيحا سفيد ??وٽ پاتل ڊاڪٽرن ۽ ڪارو ??وٽ پاتل قانون جي رکوالن جي وچ ۾ ٽڪراءُ ڪنهن به طرح ملڪ جي معاشرتي نظا?? ۾ ??هتر عمل نه آهي، وفاق، صوبائي حڪومتون ۽ پي ٽي آءِ وڪيل تنظيمون گڏجي سڄي ملڪ جي بار ڪائونسلز ۽ وڪيل تنظيمن سان رابطو ڪري اهڙن واقعن جي تدارڪ لاءِ حڪمت عملي جوڙين. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ??زيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ ملڪ جي موجوده معاشي، سياسي صورتحال، عوام سان جڙيل مسئلن جي حل لاءِ قدمن ۽ حڪومت جي مجموعي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو.