لاهور – 23 فيبروري (اي پي ??ي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته نواز شريف جي بيماري جو نالو اقتدار کان دوري آهي جيڪا لاعلاج آهي، ??ن وقت (ن) جي قيادت ۾ ڏڪار ۽ زبان بندي جي موسم آيل آهي، ??ريم نواز خبر نه آهي ڪهڙي مصلحت جو شڪار آهي ۽ سندس آواز قوم کي ٻڌڻ ۾ نه اچي رهيو آهي. م??نا?? پاڪستان جي تحريڪ انصاف وچ پنجاب جي تنظيمي ڪنوينشن ۾ شرڪت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته لاهور ۾ وچ پنجاب جي ڪارڪنن جو تنظيمي ڪنوينشن پاڪستان جي مضبوطي، استحڪام ۽ ڳڙيل سڙيل نظام مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ جي عزم جو واضح اظهار آهي.