اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سڀاڻي ڇنڇر کان لاڪ ڊا??و?? کي مرحليوار ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ان جي ڪري ??ام ماڻهو جي زندگي مشڪل ۾ آهي ۽ ننڍي ۽ وچين درجي جي ڪاروباري ??بقي، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدورن، پورهيتن، دڪاندارن، رڪشي ۽ ٽيڪسي ڊرائيورن سميت هيٺئين درجي جي طبقي کي سخت مشڪلات?? کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، عوام ايس او پيز جي سختي سان پاڻمرادو پابندي ڪري، پوليس ذريعي ڇاپا هاڻي اهو مسئلو حل نه ٿو ڪري ??گهجي، پبلڪ ٽرانسپورٽ کولڻ تي صوبن جا خدشا آهن، انهن کانسواءِ فيصلا نه ٿا ڪرڻ چاهيون، صوبن سان مشاورت جاري ??کنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته 26 فيبروري ??ي ڪورونا جو پهريون ڪيس سامهون آيو، 13 مارچ تي جڏهن ملڪ ۾ رڳو 26 ڪيس هئا ته حڪومت لاڪ ڊا??ون جو فيصلو ڪيو ۽ تڏهن کان اڄ تائين حڪومت مختلف قسم جي ميڙن ۽ عوامي ميڙ وارين جاي?? کي بند ڪيو آهي. هن چيو ته اهو وائرس تيزي سان پکڙجي ٿو ۽ تمام جلدي هڪ کان ٻئي ماڻهو کي منتقل ٿئي ٿو، ان لاءِ ان جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جو ذريعو سماجي ف??صل?? ئي آهي.