اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) ڪ??بي??ا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) نجي شعبي ۾ پن بجلي منصوبن لاءِ 2002ع جي بجلي جي پيداواري منصوبن جي پاليسي تحت عملدرآمد جي معاهدن، حڪومت پاڪستان جي گارنٽي، بجلي جي خريداري جي معاهدي ۽ پاڻي جي استعمال جي معاهدي جهڙن نظرثاني ٿيل اسٽينڊرڊ سيڪيورٽي پيڪيج دستاويزن جي منظوري ڏئي ڇڏي ??هي، اي سي سي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر ع??دا??حفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو، اي سي سي ڌاڳي، سينٽيري ويئر، ايل اي ڊي/ٽي ويز، پيڊ لاڪ، ڪمبل، ال??ڪٽ??وڊز سميت اسمگل ٿيندڙ شين تي ريگوليٽري ڊيوٽي ختم ڪرڻ يا ان ۾ گهٽتائي ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو