اسلام ??باد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ پاڪستان جي ماهيگيري جي پاليسي بابت اجلاس ه??ي ايوان صدر ۾ منعقد ٿيو، ايوان صدر ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، ميري ٽائيم افيئرز جو سيڪريٽري رضوان احمد ۽ وزارت جي اعليٰ ??ملدا??ن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ساموندي معاملن واري وفاقي وزير صدر کي پاڪستان جي ماهيگيري جي شعبي کي درپيش چئلينجز ۽ مسئلن کان آگاه ڪيو، اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ ۾ پائيدار ماهيگيري کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ ماهيگيري جي شعبي جي استحڪام ??ان پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ ۽ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي.