اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سرديءَ جي موسم جي ڪري ڪورونا جي ٻي لهر جي خطري ۽ وڌيڪ نقصان کان بچڻ جي لاءِ وقت سر فيصلاسازي جي ضرورت آهي، ان سل??لي ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي هينئر کان ئي قدم کڻڻ ۽ حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، حفاظتي قدمن ۽ ماسڪ جو استعمال هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي. هو ڪوويڊ 19 بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي ??دا??ت ڪري رهيو هو.