??سل??م آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن د??ران ڪورونا وائرس جي ڪري سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪ??رڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن د??ران ڪورونا وائرس سبب 60 فوتگيون ٿيون جنهن مان 33 فوتگيون وين??يل??ٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن د??ران سڄي ملڪ ۾5 هزار 661 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وين??يل??ٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان بهاولپور ۾ 40 سيڪڙو، پشاور ۾ 31 سيڪڙو، گوجرانوالا 21 سيڪڙو ۽ ??سل??م آباد ۾ 37 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ايبٽ آباد ۾ 70، ڪراچي ۾ 63 سيڪڙو، اسڪردو ۾ 49 سيڪڙو ۽ حيدر آباد ۾ 44 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن د??ران ڪوويڊ – 19 جا 62 هزار 462 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 21 هزار 759، پنجاب ۾ 20 هزار 96، خيبرپختونخواهه ۾ 11 هزار 276، ??سل??م آباد ۾ 4 هزار 179، بلوچستان ۾ 2 هزار 672، گلگت بلتستان ۾ 756، آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 724 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 52 هزار 616 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وين??يل??ٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وين??يل??ٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 404 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 77 هزار 409 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 10 لک 53 هزار 660 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 25 هزار 778، بلوچستان ۾ 30 هزار 880، گلگت بلتستان ۾ 8 هزار 473، ??سل??م آباد ۾ 89 هزار 117، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 46 هزار 485، پنجاب ۾ 3 لک 60 هزار 494 ۽ سنڌ ۾ 3 لک 92 هزار 433 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 23 هزار 635 ٿي چڪو آهي.