اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪن مان امدادي اڏامن جي آمد جاري آهي، هيستائين 123 اڏامون متاثرين جي لاءِ امدادي سامان ک??ي پهچي ويون آهن. پرڏيهي ??في?? پاران جاري انگن اکرن موجب ٻوڏ متاثرين جي لاءِ هيستائين گڏيل عرب امارات مان 41، ترڪيه مان 13، چين مان 4، ازبڪستان مان هڪ، قطر مان 4، فرانس مان هڪ، يونيسيف جون 3، گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري (يو ??ين ايڇ سي آر) جي گڏيل عرب امارات مان هلائڻ واريون 13 اڏامون، ترڪمانستان مان هڪ، اردن جي هڪ، خوراڪ جي عالمي اداري جون 3، آمريڪا جون 21، برطانيا جي هڪ، نيپال جي هڪ، عمان جون 8، روس جي هڪ، يونان جي هڪ ۽ سعودي عرب جون 5 اڏامون امدادي سامان ک??ي پاڪستان پهتيون آهن. ان کانسواءِ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪن مان ٻين رستين ذريعي به امدادي سامان پهتو آهي. ايران جي حلا?? احمر پاڪستان کي ٽرڪن ذريعي 100 ٽن امدادي سامان موڪليو آهي، جڏهن ته ان کانسواءِ ترڪيه 3 ريل گاڏين جي ذريعي امدادي سامان پاڪستان موڪليو آهي. ان کانسواءِ ترڪيه جي حلا?? احمر 2 ٽرڪن ذريعي امدادي سامان موڪليو آهي. تاجڪستان 87 ٽرڪن ذريعي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امدادي سامان موڪليو آهي. عمان مان ٻوڏ متاثرين جي لاءِ هڪ سامونڊي جهاز به امدادي سامان ک??ي پاڪستان پهتو آهي.