اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته تازي ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ بحران کي منهن ڏيڻ ۾ عالمي براد??ي کي پاڪستان جي مدد لاءِ عملي قدم کڻڻ گهرجن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سالياني اجلاس جي موقعي تي عالمي اڳواڻن سان انهن جي رابطن ۽ ملاقاتن جو سلسلو ٽئين ڏينهن به جاري رهيو. وزيراعظم چيو ??ه ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي تي عالمي برا??ري پاران پاڪستان سان وڏي ??ئم??ني تي همدرديءَ ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته دنيا يڪجهتي جي ان اظهار کي عملي قدمن جي شڪل ڏي ته جيئن پاڪستان ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ بحران تي ضابطو آ??ڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي.