نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪند?? مملڪتي ۽ حڪومتي سربراهن جي مان ۾ گڏيل قومن جي س??ڪريٽري جنرل ا??تو??يو گوتريس پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت جي لاءِ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اڱاري ڏي??هن نيويارڪ ۾ مصروف ڏي??هن گذاريندو ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪند?? مملڪتي ۽ حڪومتي سربراهن جي مان ۾ گڏيل قومن جي س??ڪريٽري جنرل ا??تو??يو گوتريس پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي اعليٰ سطحي بحث مباحثي جي افتتاحي اجلاس ۾ شرريڪ ٿيندو. وزيراعظم فرانس جي صدر ايمنوئل ميڪرون، آسٽريا جي فيڊرل چانسلر ڪارل نيهمر، اسپين جي صدر پيڊرو سنچيز پيريز – ڪاسٽي جون ۽ ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي سان جدا جدا ملاقاتون ڪندو. وزيراعظم دي ٽائيمز س??نٽر جو دورو ڪندو ۽ نيويارڪ ٽائيمز جي ادارتي بورڊ سان انٽرويو ۾ شريڪ ٿيندو. جڏهن ته وزيراعظم سان آمريڪا جو موسمياتي تبديلي بابت خاص نمائندو جان ڪيري ملاقات ڪندو.