اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اکين کان محروم شخص کي امت??ان جو موقعو ڏيڻ کان ا??ڪار تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي منشيات جي خاتمي واري فورس (اي اين ا??ف) کي ڇنڊ پٽي آهي، صدر معاملو وفاقي محتسب ڏانهن موڪلي ڇڏيو ۽ 30 ڏينهن ۾ فيصلو ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اکين کان محروم اميدوار سليمان ارشد منشيات جي خاتمي واري فورس ۾ بطور اسسٽنٽ ڀرتي ٿيڻ جي لاءِ درخواست ڏني هئي، اميدوار کي اکين کان محروم هجڻ ۽ اسسٽنٽ جا فرض سرانجام ڏيڻ کان قاصر هجڻ جو چئي ممتحن ا??ت??ان مان ڪڍي ڇڏيو هو، سليمان ارسد (شڪايت ڪندڙ) وفاقي محتسب جي فيصلي ج?? خلاف صدر کي درخواست داخل ڪئي هئي. صدر اي اين ا??ف جي عملي پاران ا??ت??ان وٺن کان ا??ڪار کي بدانتظامي قرار ڏئي ڇڏيو. هن چيو ته اهڙن قدمن سان اسان خصوصي ماڻهن کي قوم تي سماجي بار بڻائي ڇڏينداسين، ڪجهه ته احساس ڪريو، خصوصي ماڻهن کي معاشري ج?? حصو بڻائڻ، روزگار جي قابل بڻائڻ جي لاءِ خصوصي ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته بطور صدر بهترين ڪارڪردگي ج?? مظاهرو ڪندڙ اکين کان محروم ماڻهن کي صدارتي ايوارڊز ڏئي چڪو آهيان، عالمي سطح تي غيرمعمولي ڪم ڪندڙ اکين کان محروم پاڪستانين جا سوين مثال موجود آهن. صدر چيو ته بصارت کان محروم وڪيل يوسف سليم 2018ع ۾ پاڪستان جو پهريون اکين کان محروم جج بڻيو، صائمه سليم گڏ??ل قومن جي ج??رل اسيمبلي کي خطاب ۾ ڪشميرين جي خودمختياري ج?? حق جي حمايت ۾ زوردار تقرير ڪئي، ميڊيا ۾ جڳهه ٺاهي ۽ پاڪستان جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪيو، پاڪستان جي تختي ج?? پٺيان ويهي صائمه سليم بريل ۾ لکيل تقرير پڙهي ۽ هو سمورين ڪئميرامين جي نگاهن جو مرڪز هئي. صدر عارف علوي چيو ته ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ فوڊ آئوٽ ليٽس موجود آهن جيڪي مڪمل طور تي اکين کان محروم ماڻهو هلائي رهيا آهن. هن چيو ته اي اين ا??ف جي عملي ج?? رويو مذمت جوڳو آهي، جهالت ۽ تعصب تي ٻڌل آهي، ممتحن ا??يدوار کي پنهنجي مهارت جو مظاهرو ڪرڻ يا شنوائي ج?? موقعو ڏيڻ کانسواءِ رد ڪري ڇڏيو، اي اين ا??ف جو اکين کان محروم شخص جو سيڪريٽريٽ جي ملازمت جي لاءِ غيرموزون هجڻ جو موقف جهالت ??ي ٻڌل آهي، اي اين ا??ف شڪايت ڪندڙ جو معائنو ڪرڻ ۽ فٽنس جو تعين ڪرڻ جي لاءِ ميڊيڪل بورڊ کي ڪيس موڪلڻ کانسواءِ موقعو ڏيڻ کان ا??ڪار ڪيو، اي اين ا??ف جو قدم انساني حقن جي سراسر خلاف ورزي آهي. صدر چيو ته پاڪستان صنفي ۽ معذوري سميت هر قسمجي فرق جي خلاف ڪيترن ئي عالمي چارٽرز ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون آهن. هن چيو ته وفاقي محتسب ان بنيادي رخن تي غور نه ڪيو، ڪيس کي ٻيهر ٻڌڻي ۽ ميرٽ تي فيصلو ڪرڻ جي لاءِ محتسب جي حوالي ڪيو وڃي ٿو. صدر معاملو وفاقي محتسب ڏانهن موڪلي ڇڏيو ۽ 30 ڏينهن ۾ فيصلو ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. تفصيل موجب سليمان ارشد 19 نومبر 2020ع تي شايع ٿيندڙ اشتهار تي اي اين ا??ف ۾ اسسٽنٽ جي نوڪري تي ڀرتي ج?? لاءِ درخواست ڏني، ان موجب ٽيسٽ واري ڏينهن ا??ت??ان واري جڳهه تي پهچڻ کانپوءِ اي اين ا??ف جي لاڳاپيل آفيسر ان کي امت??ان ۾ ويهڻ جي اجازت نه ڏني ۽ چيو ته هو اکين کان محروم آهي ۽ اسسٽنٽ جا فرض سرانجام نه ٿو ڏئي سگهي، ان کانپوءِ هن وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو ۽ درخواست ڪئي ته ان معاملي تي اکين کان محروم شخص اسسٽنٽ جا فرض سرانجام نه ٿو ڏئي سگهي، جي حوالي سان فيصلو ڪيو وڃي. شڪايت ڪندڙ اي اين ا??ف جي نمائندي جا دليل ٻڌا ۽ ان جو جواب ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو. ان کانپوءِ هن صدر وٽ اپيل داخل ڪئي ج??هن تي صدر وفاقي محتسب کي معاملو ٻيهر ميرٽ تي ٻڌڻ جو حڪم ڏنو.