اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه اڱاري ڏينهن ملائيشيا جي ??م منصب انور ابراهيم سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪبا?? ڏني. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ملائيشيا جي ??ئين وزيراعظم ۽ عوام جي ??اءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي وزيراعظمن پاڪستان ۽ ملائيشيا جي ??چ ۾ ڀائراڻن ويجهي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن واپار ۽ سيڙپڪاري سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي ??اءِ اعليٰ سطح جي ??فدن جي ??ٽاسٽا جي اهميت تي پڻ اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا سان ا??تص??دي، واپاري رابطن ۽ سياسي ڳالهه ٻولهه جي ??اءِ ملائيشيا سان گهڻ رُخي بنيادن تي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ملائيشيا جي ??چ ۾ تاريخي ٻطرفن لاڳاپن ۽ مضبوط معاشي ۽ واپاري تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو عزم ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۾ ماحولياتي تبديلين جي بدترين اثرن، ٻوڏ جي صورتحال ۽ 8 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي بحالي جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جتي عالمي برادري پاڪستان جي ريڪوري ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ تعاون جي ??اءِ گڏ ٿيندي.