پشاور – 30 – جنوري (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ليڊي ريڊنگ اسپتال پشاور پهتو جتي ه?? ملڪ سعد شهيد پوليس لائينز جي مسجد ۾ ٿيندڙ ڌماڪي جي زخمين جي عيادت ڪئي. ايل آر ايڇ پهچڻ تي نگران وڏي وزير ??عظم خان، وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار انجنيئر امير مقام، آءِ جي پ??ليس معظم جاه انصاري وزيراعظم جو استقبال ڪيو. دفاع ??ارو وفاقي وزير ??واجه محمد آصف، وفاقي گهرو وزير ??اڻا ثناءُ الله، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ صوبائي حڪومت جا ٻيا عملدار پڻ وزيراعظم سان گڏ موجود هئا. وزيراعظم ايل آر ايڇ جي مختلف وارڊز جو دورو ڪيو ۽ زخمين جي عيادت ڪئي. وزيراعظم اسپتال انتظاميا کي هدايت ڪئي ته زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.