اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪي ٿري جي شموليت سان جوهري بجلي گهر مان بجلي جي پيداوار 3600 ميگاواٽ تائين پهچي وئي آهي، مقامي ذريعن سان بجلي جي پيداوار سان ٻار?? جي درآمد، ٽيرف ۾ گهٽتائي ۽ عام ماڻهو کي ريليف فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هن گذريل ڏينهن پاڪستان جي ستين جوهري گهر ۽ ڪراچي ۾ ٺاهيل ٽئين جوهري گهر جو افتتاح ڪيو. ڪي ٿري جي شموليت سان جوهري بجلي پيدا ڪر?? جي ڪل صلاحيت 3600 ميگاواٽ تائين پهچي وئي آهي. ڪي ٿري منصوبي سان مجموعي طور تي 1100 ??يگاواٽ بجلي نيشنل گرڊ ۾ شامل ٿي وئي آهي. هن چيو ته حڪومت بجلي پيدا ڪر?? جي مقامي ذريعن جهڙوڪ پن بجلي، ڪوئلي ۽ شمسي توانائي جي ترقي تي ڌيان ڏيندي توانائي جي ذريعن کي سگهارو بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته مقامي طور تي پيدا ٿيندڙ بجلي سان ٻار?? جي درآمد کي گهٽ ڪرڻ، ٽيرف کي گهٽ ڪرڻ ۽ اهڙي طرح عام ماڻهو کي ريليف فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.