اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڀا??ت جيڪڏهن سمجهي ٿو ته هو ڪشميري عوام جي مضبوط ارادي کي ??يڀ??ٽي سگهي ٿو ته هو غلطي تي آهي، ڀا??تي قابض فوج طرفان جاري رياستي دهشتگردي ڪشميرين جي عزم کي نه ٽوڙي سگهي ٿي ۽ نه ئي ان جي جائز جدوجهد کي ڪمزور ڪري سگهي ٿي، ڀا??ت ڪرفيو، بليڪ آئوٽ، پنهنجي ڳالهه مڃائڻ، نظربندي، قيد ۽ بنيادي حقن کان انڪار جي ذريعي ڪشميري مردن، عورتن ۽ ٻارن کي سختي سان نشانو بڻايو، اسان انهن جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت ان وقت تائين جاري رکنداسين جيستائين هو ڀا??تي ڏاڍ کان آزادي حاصل نٿا ڪري وٺن، پاڪستان سمورن عالمي پليٽ فورمن تي پڻ آواز بلن?? ڪندو رهندو. يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته هر سال 5 فيبروري تي پاڪستاني عوام پنهنجي ڪشميري ڀا??رن ۽ ڀينرن سان ايڪتا جو ورجاءُ ڪري ٿو، يوم يڪجهتي ڪشمير تي اسان حق خود اراديت لاءِ ڪشميرين جي جدوجهد ۾ انهن سان پنهنجي اڻٽر حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چيو ته ڄمون ڪشمير جو تڪرار گڏيل قومن جي ايجنڊا تي سڀني کان پراڻي حل طلب مسئلن مان هڪ آهي، گذريل 75 سالن ۾ ڀا??ت ڄمون ڪشمير تي پنهنجو ناجائز قبضو جاري رکيو آهي ۽ هتي جي عوام جا حق پائمال ڪري رکيا آهن، وزيراعظم چيو ته هزارين ڪشميري ڀا??تي قابض فوج جي هٿن ۾ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري ??ڪا آهن ۽ اڻ ڳڻين ظلمن جو شڪار آهن، ڀا??ت 5 آگسٽ 2019ع جي غير قانوني ۽ هڪطرفن قدمن کانپوءِ، پهرين کان خراب صورتحال بدترين رخ اختيار ڪري ورتو. ان غير قانوني ۽ هڪطرفن قدمن کي پاڪستان ۽ ڪشميرين رد ڪري ??ڏيو آهي، محمد شهباز شريف چيو ته ڀا??ت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال پاڪستان ۽ باقي دنيا لاءِ شديد ڳڻتي جو سبب بڻيل آهي. هن چيو ته مشهور ڪشميري سياسي قيادت کي غير قانوني طور تي نظربند ڪيو ويو آهي يا فرضي ڪيسن ذريعي ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو ويو آهي، ميڊيا کي ڏاڍ ذريعي خاموش ڪيو ويو آهي ۽ عالم سڳورن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. اهڙا سخت قانون ٺاهيا ويا آهن جيڪي ڪشميري عوام جي بنيادي آزادين کان انڪاري آهن. وزيراعظم چيو ته ڀا??ت والاريل ڄمون ڪشمير ۾ آبادياتي تبديليون آڻڻ لاءِ پنهنجي مهم تيز ڪري ??ڏي آهي ته جيئن ڪشميرين کي پنهنجي ئي زمين تي اقليت ۾ تبديل ڪري سگهجي. اهي قدم گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن ۽ عالمي قانونن سميت چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي خلاف ورزي آهن. شهباز شريف چيو ته ڀا??ت جيڪڏهن سمجهي ٿو ته هو ڪشميري عوام جي مضبوط ارادن کي ??يڀ??ٽي سگهي ٿو ته هو غلطي تي آهي، ڀا??تي قابض فوج طرفان جاري رياستي دهشتگردي ڪشميرين جي عزم کي نه ته ٽوڙي سگهي ٿي ۽ نه ئي انهن جي جائز جدوجهد کي ڪمزور ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته اسان ڀا??ت تي زرو ڀريون ٿا ته هو پاڪستان، گڏيل قومن ۽ سڀ کان وڌي ڪري ??شميري عوام سان ڪيل واعدن جو احترام ڪري. وزيراعظم چيو ته آئون سموري پاڪستاني قوم طرفان پنهنجي ڪشميري ڀا??رن ۽ ڀينرن کي خاطري ??يارڻ چاهيان ٿو ته اسان انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهيون، اسان انهن جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت ان وقت تائين جاري رکنداسين جيستائين هو ڀا??تي ڏاڍ مان آزادي حاصل نٿا ڪري وٺن. پاڪستان سمورن عالمي پليٽ فارمز تي پڻ پنهنجو آواز بلن?? ڪندو رهندو ۽ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ هندستان جي وحشياڻي قدمن کي اجاگر ڪندو رهندو.