اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان ۾ ترڪيه جي س??ير مهمت پڪاچي پرڏيهي آفيس ۾ مل??قات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تاريخي گهرا ڀا??را??ا عوامي لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ هر مشڪل گهڙيءَ ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران ترڪيه پاران معاونت ساراهه جوڳي آهي. ترڪيه جي س??ير زلزلي دوران پاڪستان پاران ??هت??ين تعاون تي ٿورا مڃيا. مل??قات ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفن ۽ گهڻ رخي فورمز ۾ تعاون جي لاءِ عزم جو اظهار ڪيو ويو جڏهن ته ٻنهي ملڪن واپار، سيڙپڪاري، دفاع، علائقائي تعاون، تعليم ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي حوالي سان گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.