اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي)برطانوي پارليامي??ٽ جي ميمبر خالد محمود چيو آهي ته ڀارت جمهوري ناهي، اقليتن جا حق غصب ڪندڙ ملڪ آهي، پارليامي??ٽ جا ميمبر پنجن سالن لاءِ منتخب ٿيندا آهن ڪير ڪيئن انهن کي ڪڍڻ جي ڳالهه ڪري سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آئين پاڪستان ??ي گولڊن جوبلي جي حوالي سان ??المي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڀارت اقليتن جي حقن جي تحفظ ۾ ناڪام رهيو آهي، چوڻ لاءِ ته جمهوريت آسان ??يءَ آهي پر حقيقت ۾ مشڪل ڪ?? آهي، جمهوريت کي سمجهڻ بنيادي شيءَ آهي، آئين ۾ لکيل عوامي نمائندن جي 5 سالن جي مدي تي عمل پيرا ٿيڻو پوندو. هن چيو ته پارليامي??ٽ جا ميمبر پنجن سالن لاءِ منتخب ٿيندا آهن ڪير ڪيئن انهن کي ڪڍڻ جي ڳالهه ڪري سگهي ٿو، برطانيه ۾ اسان وٽ ڪو لکت ۾ آئين ناهي، ڀارت بلڪل جمهوري ملڪ ناهي، جڏهن ڪشميرين، سکن ۽ ڀارت ۾ دلت طبقي سان ??علق رکندڙن جي ڳالهه اچي ٿي ته ڀارت سنگين انساني حقن جي خلاف ورزي ڪندڙ ثابت ٿيندو آهي. آئون اهو مڃڻ کان ??نڪار ڪريان ٿو ته ڀارت هڪ جمهوري ملڪ آهي.