اسلا?? آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اسلا?? آباد جي شهرين جي لاءِ بهترين انفراسٽرڪچر ۽ ٽرانسپورٽ جي فراهمي لاءِ عملي قدم کڻي رهيا آهيون، سمو??ن ترقياتي منصوبن تي ڪم تيز ڪيو وڃي، منصوبن جي شفافيت ۽ معيار تي ڪو ٺاهه قابل قبول نه هوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جاري ترقياتي منصوبن خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ رهائشي يونٽس ۽ هائوسنگ اسڪيمز جي حوالي سان اهم جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ رهائشي يونٽس ۽ هائوسنگ اسڪيمز جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اوورسيز پاڪستاني اسان جو انتهائي قابل قدر اثاثو آهن جن جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته اسلا?? آباد جي شهرين جي لاءِ بهترين انفراسٽرڪچر ۽ ٽرانسپورٽ جي فراهمي جي لاءِ عملي قدم کڻي رهيا آهيون. هن هدايت ڪئي ته اسلا?? آباد جي رهواسين کي عالمي معيار جون شهري سهولتون ڏيڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارا ڀرپور ڪوشش ڪن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سمو??ن ترقياتي منصوبن جي تعمير تيز ڪئي وڃي جڏهن ته شفافيت ۽ معيار تي ڪو ٺاهه قابل قبول نه هوندو. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ وفاقي گادي واري شهر ۾ جديد سهولتن سان ليس رهائشي يونٽس تعمير ڪيا پيا وڃن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ هائوسنگ اسڪيمز شروع ڪيون ويون آهن، انهن اسڪيمز ۾ هڪ ئي وقت ادائيگي تي اوورسيز پاڪستانين کي 15 سيڪڙو رعايت ڏني ويندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلا?? آباد جي بهترين لوڪيشنز تي 45 ڪمرشل پلاٽس نيلامي جي لاءِ تيار آهن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اسلا?? آباد جي ڳوٺاڻي علائقن جي لاءِ 10 بلين رپين جي پئڪيج تي ڪم جاري آهي جنهن سان اسلا?? آباد جي ڳوٺاڻي علائقن ۾ ترقي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. جڏهن ته اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلا?? آباد ۾ ٽرانسپورٽ جو نظام بهتر بڻائڻ جي لاءِ مختلف ر??ٽس تي 160 اليڪٽرڪ بسون هلايون وينديون، انهن مان 2 ر??ٽس جي لاءِ 30 اليڪٽرڪ بسون جون جي وچ ڌاري اسلا?? آباد پهچي وينديون. ان کانسواءِ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلا?? آباد جي شهري ۽ ڳوٺاڻي علائقن جي لاءِ گهٽ مدي وارو سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ منصوبو جون 2023ع ۾ شروع ڪيو پيو وڃي ۽ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جي ڊگهي مدي واري منصوبي جي حوالي سان عالمي ٽينڊر ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسلا?? آباد جي لاءِ جامع سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ پلان کي وفاقي ڪابينا کي منظوري جي لاءِ پيش ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن حنيف عباسي، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، انجم عقيل، وفاقي گهرو سيڪريٽري، ناڻي واري وفاقي سيڪريٽري، ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.