اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي دعوت ت?? بيلاروس جو پرڏيهي وزير سرگئي ايلينڪ 30 ۽ 31 مئي تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ٻئي ??رڏيهي وزير ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو وٺندا ۽ سياسي، اقتصادي، دفاعي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ سميت ٻطرفي دلچسپي جي ڪيترن .ئي ??عاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ ويجها ۽ خوشگوار لاڳاپا قائم آهن. پرڏيهي وزير گذريل سال نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي ت?? بيلاروسي هم منصب سان ملاقات ڪئي ??ئي.