ڪراچي – 02 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپ??زپ??رٽي جي چيئرمين ۽ پرڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ميڊيا جي آزادي تي پابنديون جمهور??ت کي ڪمزور ڪن ٿيون ۽ معاشري ۾ ورڇ ۽ انتشار جو سبب بڻجن ٿيون، ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان پيپ??زپ??رٽي ۽ صحافين ??و اتحاد سدائين ??دابهار ۽ مضبوط رهيو آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري ڪيل بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري صحافت جي آزادي جي ع??لمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته شهيد بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنهنجي حڪومت جي دورن ۾ آمرن پاران صحافت تي لاڳو ڪارن قانون جو خاتمو ڪيو ۽ صحافت کي مڪمل آزادي ڏني. چيئرمين ??لاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپ??زپ??رٽي ۽ ان جي قيادت جو پاڪستان ۾ بدترين ميڊيا ٽرائيل ٿيندو رهيو آهي پر ان جي باوجود پاڪستان پيپ??زپ??رٽي ڪڏهن به اظهار ۽ صحافت جي آزادي تي مصلحت جو شڪار نه ٿي، پيپ??زپ??رٽي حڪومت ۾ هجي يا مخالف ڌر ۾ صحافت جي آزادي ۽ صحافين ??ي تحفظ ۽ حقن جي حوالي سان سدائين واضح موقف اختيار ڪيو آهي، اسان ڄاڻڻ جي حق جي قانون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ جيئن جو تيئن عملدرآمد ۾ يقين ??کون ٿا. بلاول ڀٽو زرداري ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ان جي پارٽي ميڊيا جي آزادي ۽ صحافين ??ي حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجو قائداڻو ڪردار ادا ڪندي رهندي، ملڪ ۾ صحافت جي آزادي جي لاءِ مثالي ماحول جو قيام ۽ عوام ۾ ميڊيا لٽريسي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي رهندي. پرڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڀارت پاران والاريل ڪشمير ۾ صحافت تي هنيل پابندين ??ي شديد مذمت ڪندي صحافتي تنظيمن، اظهار جي آزادي جي حق جي لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن ۽ شخصيتن سميت عالمي برادري کي اپيل ڪئي آهي ته اهي والاريل واديءَ جي صحافين ??ي ظلمن جي خلاف پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ روزانو صحافين کي قيد ۽ بند جون صعوبتون برداشت ڪرڻيون پون ٿيون جڏهن ته هن وقت تائين ڪيترائي صحافي سچ ڳالهائڻ جي پاداش ۾ ڀارتي فوج جي هٿان شهيد به ٿي چڪا آهن. هن اپيل ڪئي ته سال ۾ هڪ ڏينهن والاريل ڪشمير جي صحافين ??ان يڪجهتي جو ڏينهن به ملهائڻ گهرجي.