اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته تڪبر، ضد، اناءَ، پنهنجي ذات ۽ مفادن جي بُت جو هائوس آف ڪارڊز ڌڙام سان زمين هيٺ دٻجي ويو آهي، پي ٽي آءِ ??ان روح نڪري ويو، پارٽي ٺاهيندڙن جي هلي وڃڻ سان بس هاڻي بُت ئي باقي رهجي ويو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفا??ي وزير هڪ شعر ”دل ڪي ڦڦولي جل اُٺهي سيني ڪي داغ سي…. اس گهر ڪو آگ لگ گئي گهر ڪي چراغ سي“ جو حوالو ڏنو. هن چيو ته مغرور چ??و هو ته ڪنهن جي اچڻ ۽ وڃڻ سان فرق نه ٿو پوي، هو اڄ عبرت جو زندهه مثال بڻجي چڪو آهي.