اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) مالي سال 23 -2022ع دوران وفاقي حڪومت هائير ايجوڪيشن ڪميشن، يونيورسٽين ۽ اعليٰ تعليمي ادارن کي جا??ي ترقياتي منصوبن لاءِ 42.9 ارب روپيا جا??ي ڪيا، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن طرفان مجموعي طور تي جي ڊي پي جو 1.7 سيڪڙو خرچ ڪيو ويو. مالي سال 23 -2022ع جي جا??ي اقتصادي سروي ۾ ٻڌايو ويو ته ليبر فورس سروي (ايل ايف ايس) 21 -2020ع موجب خواندگي جي شرح 62.8 سيڪڙو رهي جيڪا 19 -2018ع ۾ 61.4 سيڪڙو هئي. عورتن جي خواندگي شرح 51.9 سيڪڙو جي ڀيٽ ۾ مردن جي خواندگي جي شرح 73.4 سيڪڙو رهي. شهري ?? ٻهراڙي ۾ خواندگي جي شرح ۾ بهتري آئي آهي. ٻهراڙي جي علائقن ۾ اها 53.7 سيڪڙو کان و??ي 54 سيڪڙو جڏهن ته شهري علائقن ۾ اها 76.1 سيڪڙو کان و??ي 77.3 سيڪڙو پهچي وئي آهي. تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن ته جيئن گڏيل قومن جي ايس ڊي جيز گول چار کي حاصل ڪرڻ ممڪن ٿئي.