اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) قومي اقتصادي سروي 23 -2022ع موجب هلندڙ مالي س??ل جي پهرين 10 مهينن دوران مالياتي خسارو گهٽجي جي ڊي پي جي 4.6 سيڪڙو جي سطح تي اچي ويو آهي جيڪو گذريل مالي س??ل جي انهي عرصي دوران 4.9 سيڪڙو رهيو. اقتصادي سروي موجب مالي س??ل جي پهرين 10 مهينن دوران پرائمري بيلنس 99.1 ارب روپيا ??هيو جيڪو گذريل مالي س??ل جي انهي عرصي دوران 890.2 ارب روپيا ??ساري سان گڏ رڪارڊ ڪيو وي هو، پرائمري بيلنس ۾ بهتري سبب نان مارڪ اپ خرچن ۾ گهٽتائي ٿي. جولاءِ کان مارچ تائين ڪل محصولن ۾ 18.1 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 6938.2 ارب روپين تائين پهچي ويو جيڪو جي ڊي پي جو 8.2 سيڪڙو آهي. گذريل مالي س??ل جي انهي عرصي دوران ڪل محصولن جو ڳاڻيٽو 5874.2 ارب رڪارڊ ڪيو ويو هو، اقتصادي سروي موجب ملڪي ۽ عالمي سطح تي ڪيترين ئي معاشي مشڪلاتن جي باوجود ايف بي آر طرفان ٽيڪس روينيو ۾ 16.5 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 5617.7 ارب روپين تائين پهچي ويو جيڪو گذريل مالي س??ل جي انهي عرصي دوران 4821.9 روپيا ??ڪارڊ ٿيو هو. جولاءِ کان مارچ تائين نان ٽيڪس روينيو ۾ 25.5 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو گذريل مالي س??ل جي 1052.2 ارب روپين جي ڀيٽ ۾ 1320.5 ارب روپين تائين پهچي ويو. مالي س??ل جي پهرين 9 مهينن دوران حڪومتي خرچن ۾ 18.7 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 10،016.9 ارب روپين تائين پهچي ويو جيڪو گذريل مالي س??ل جي انهي عرصي دوران 8439.8 ارب روپيا هو. جولاءِ کان مارچ تائين جاري خرچن ۾ 25.3 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 9244.6 ارب روپين تائين پهچي ويو جيڪو گذريل مالي س??ل جي انهي عرصي دوران جاري خرچا 7378 ارب روپيا ??ڪارڊ ڪيا ويا هئا . قرضن تي وياج جي ادائيگي ۾ 69.1 سيڪڙو جي اضافي سان حڪومتي جاري خرچن ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو. قرضن تي وياج جي ادائيگين ۾ اضافي جو بنيادي سبب ملڪي ۽ عالمي سطح تي وياج جي شرح ۾ اضافو ۽ روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي آهي. جولاءِ کان مارچ تائين جي ترقياتي خرچن ۽ مجموعي لينڊنگ 0.9 سيڪڙو اضافي سان 1060.4 ارب روپيا ??ڪارڊ ڪيا ويا. جيڪي گذريل مالي س??ل جي انهي عرصي دوران 1051.1 ارب روپيا ??ڪارڊ ڪيو ويو هو. مالي س??ل جي پهرين 9 مهينن دوران پي ايس ڊي پي 1.8 سيڪڙو جي گهٽتائي سان گڏ 1014.0 ارب روپيا ??ڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي س??ل جي انهي عرصي دوران 1032.7 ارب روپيا ??هيو.