اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سنڌ جي وڏي وزير کي هدايت ڪ??ي آهي ته سامونڊي طوفان سان ??ٽي?? بدين ۽ سنڌ جي ڏکڻ اوڀر علائقن بابت خدشن تي وفاق ۽ صوبائي حڪومتن ۽ ادارن جي وچ ۾ موثر حڪمت عملي تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، لاڳاپيل علائقن مان عوام جي وقت سر محفوظ علائقن ۾ منتقلي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سنڌ جي وڏي وزير سيد ??را?? علي شاهه کي ٽيليفون ڪيو ۽ سامونڊي طوفان جي حوالي سان تازه ترين صورتحال ۽ قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم سنڌ جي وڏي وزير جي سامونڊي طوفان جي خطري کي من??ن ڏيڻ جي لاءِ اڳواٽ انتظامن کي ساراهيو. وزيراعظم هدايت ڪ??ي ته سامونڊي جهازن، مُهاڻن، سامونڊي انفراسٽرڪچر، ٻوڏ جي خطري، ??ٽي?? بدين ۽ سنڌ جي ڏکڻ اوڀر علائقن بابت خدشن تي وفاق ۽ صوبائي حڪومتن ۽ ادارن جي وچ ۾ موثر حڪمت عملي تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، لاڳاپيل علائقن مان عوام جي وقت سر محفوظ علائقن ۾ منتقلي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم کي لاڳاپيل علائقن ۾ عوام کي اڳواٽ خبردار ڪرڻ ۽ اطلاع پهچائڻ جي حوالي سان قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم هنگامي صورتحال ۾ ضروري سامان، اوزارن ۽ ٻين لاڳاپيل شين جي اڳواٽ انتظامن تي پڻ آگاهي حاصل ڪئي ۽ مڪمل نگراني رکڻ جي هدايت ڪ??ي. وزيراعظم صورتحال کي من??ن ڏيڻ ۾ وفاقي حڪومت پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم چيو ته وفاق جي انتظام هيٺ سمورا ادارا عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ جي لاءِ سنڌ حڪومت جي مدد جي لاء?? هر وقت تيار رهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد ??را?? علي شاهه وزيراعظم شهباز شريف جي جذبي ۽ فڪرمندي تي ان جا ٿورا مڃيا.