اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ترڪ صد?? رجب طي?? اردوان ٽيليفون ڪري يونان ويجهو روم سمنڊ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي واقعي ۾ پاڪستانين جي فوتگين تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ترڪيه جي ??در ٻيڙي حادثي ۾ فوت ٿيندڙ پاڪستانين جي گهرڀاتين جي لاءِ ترڪيه حڪومت ۽ عوام پاران همدرديءَ جو پيغام پهچايو. صد?? رجب طي?? اردوان واقعي ۾ فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي ??عا ڪئي. وزيراعظم تعزيت ۽ همدرديءَ جي ??ذبن تي ترڪ صدر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستاني حڪومت ۽ عوام ترڪ صدر ?? ترڪ عوام جي ??ذبن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي.