اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آه?? ته ڀارت 27 آڪٽوبر 1947ع کان ڀارتي غ??رق??نوني والار??ل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجو غاصباڻو قبضو برقرار رکيو اچي، ڪشميرين جا ٽي نسل دنيا خاص طور تي گڏيل قومن جي غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي پنهنجي واعدي کي پورو ڪرڻ جو انتظام ڪري رهيا آه??، عالمي برادري هاڻي پنهنجي ذميواري کان اکيون نٿي ٻُ??ٽي سگهي، ڀارتي حڪومت کي 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غ??رق??نوني قدمن کي واپس وٺڻ گهرجي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ 27 آڪٽوبر 2023ع جي ڏينهن جي مناسبت سان ”ڪاري ڏينهن“ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ ڄمون ۽ ڪشمير جي وڏي حصي تي ڀارت جي غاصباڻي قبضي کي 76 سال مڪمل ٿي ويا. 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت پهريون ڀيرو پنهنجي فوج کي ڀارتي غ??رق??نوني طور تي والار??ل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ لاٿو. تڏهن کان اڄ تائين ڀارت ان علائقي تي زبردستي قبضو جاري رکيو آه??. هن چيو ته گذريل 76 سالن ۾ ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي غ??رق??نوني حڪمراني کي برقرار رکڻ جي لاءِ مختلف حربا آزمايا آه?? جڏهن ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع کان هڪ ڪڌي مهم شروع ڪئي آه?? جنهن تحت ڪشميرين کي انهن جي پنهنجي سرزمين ۾ هڪ بي اختيار رهواسين ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪڌي سازش زورن تي آه??. ڀارت انهن ڪڌي ارادن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آه?? جهڙوڪ چونڊ تڪن ۾ ڦيرڦار، چونڊ فهرستن ۾ غيرڪشميرين جو اضافو، ڪشمير کان ٻاهر جي ماڻهن کي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ ۽ زمينن ۽ جائيدادن جي ملڪيت بابت نوان قانون متعارف ڪرائڻ آه??، اهي غيرجمهوري ۽ غ??رق??نوني قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپي?? قراردادن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي سڌوسنئون خلاف ورزي آه??. نگران وزيراعظم چيو ته اڄ ڪشمير دنيا جو هڪ اهڙو خطو آه?? جتي سڀ کان وڌيڪ قابض فوج مقرر آه??، ڪشميري عوام جا حقيقي نمائندا سالن کان اڻڄاتل مدي تائين گهيري ۾ آه??، ڏاڍ کي لڪائڻ ۽ اختلاف راءِ کي دٻائڻ جي لاءِ ميڊيا تي پابنديون وڏي پئماني تي مڙهيون پيون وڃن. هن چيو ته گذريل ٽن ڏهاڪن دوران هزارين بيگناهه ڪشميري مرد، عورتون ۽ ٻار ڀارتي ڏاڍ جي ڪري پنهنجون حياتيون وڃائي چڪا آه?? جڏهن ته ڀارت ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد کي دٻائڻ ۾ ناڪام رهيو آه??. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته وچ اوڀر ۾ ٿيندڙ تازه ترين اڳڀرائي مان واضح ٿي ويو آه?? ته وڏي عرصي کان حل طلب تڪرار عالمي امن جي لاءِ مسلسل خطرو آه??، ڪشميرين جا هڪ ٻئي پٺيان ٽي نسل دنيا خاص طور تي گڏيل قومن جي غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي پنهنجي واعدي کي پورو ڪرڻ جو انتظار ڪري رهيا آه??، عالمي برادري هاڻي پنهنجي ذميواري کان اکيون نٿي ٻُ??ٽي سگهي. هن چيو ته عالمي برادري کي ڀارت کي ڀارتي غ??رق??نوني والار??ل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ زيادتين جو جوابده قرار ڏيڻ جي لاءِ عملي قدم کڻڻ گهرجن، ڀارتي حڪومت کي 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غ??رق??نوني قدمن کي واپس وٺڻ گهرجي، ڀارت کي ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي روڪڻو پوندو ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپي?? قراردادن تي عملدرآمد ڪرائڻو پوندو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان سدائين وانگر پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آه??، پاڪستان ڪشميرين جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد جي لاءِ پنهنجي مڪمل اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.