اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان کي غيرملڪي سيڙپڪاري ۽ ڪا??وبار جي لاءِ پرڪشش ملڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا بي پناهه موقعا موجود آهن. هو جرمني جي عالمي فوڊ هول سيلر، ميٽرو گروپ جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ڪميٽي جو سي اي او ڊاڪٽر اسٽيفن گروبل ۽ جرمني جو پاڪستان ۾ سفير پڻ ملاقات ۾ موجود هو. وفد صدر کي پاڪستان ۾ ميٽرو گروپ جي ڪا??وبار ۽ سيڙپڪاري تي بريفنگ ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. وفد ٻڌايو ته ميٽرو ڪمپني ملڪ ۾ ڪا??وبا??ي سرگرمين کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهشمند آهي، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪا??وبا??ي سرگرمين جي لاءِ سازگار ماحول آهي، پاڪستان ڪا??وبار، سيڙپڪاري ۽ سياحت جي لاءِ هڪ پرڪشش جڳهه آهي. صدر پاڪستان ۾ ميٽرو گروپ جي سيڙپڪاري کي ساراهيو.