اسلام آباد- 06 فيبروري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان عام چونڊ ۾ حصو وٺندڙ سمورين سياسي پارٽين ۽ اميدوارن کي خبردار ڪيو آهي ته ضابطه اخلاق مطابق عام چونڊن جي ڏي??هن پولنگ اسٽيشنن جي 400 ميٽرن جي حدن ۾ ڪ??هن به قسم جي مهم ۽ ووٽرن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ قائل ڪرڻ ۽ ڪ??هن خاص اميدوار لاءِ مهم هلائڻ تي پابندي هوندي. هتي جاري بيان ۾ ترجمان چيو ته پولنگ اسٽيشن جي 100 ميٽر اندر ڪ??هن خاص اميدوار جي حق ۾ ووٽ وِجهڻ لاءِ ووٽر جي حوصله افزائي يا ان کي ووٽ نه ڏيڻ لاءِ حوصله شڪني تي ٻَ??ل نوٽيس، علامتون، بينر يا جهنڊا لڳائڻ تي م??مل پابندي هوندي. جڏهن ته سياسي پارٽيون، اميدوار، اليڪشن ايجنٽ يا ان جا حمايتي، پولنگ واري ڏي??هن ٻهراڙي وارن علائقن ۾ پولنگ اسٽيشن کان 400 ميٽر يا شهري علائقن ۾ 100 ميٽرن جي مفاصلي تي پنهنجي ڪيمپ لڳائي سگهند??. ڊ??ٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر، رٽرننگ آفيسر ۽ پوليس انتظاميه ڄاڻايل مٿين شقن تي عملدرآمد تي يقيني بنائڻ جا ذميوار هوندا، ان جي خلاف ورزي غير قانوني فعل تصور ڪئي ويندي، ج??هن تي قانون مطابق سخت ڪارروائي ٿيندي.