اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪيترا??ي ملڪ پاڪستان سان سياحت جي شعبي ۾ حصيداري جي لاءِ دلچسپي ظاهر ڪري چڪا آهن، مواصلاتي نظام ۽ ٻئي ضروري انفراسٽرڪچر جي تعمير سان گلگت بلتستان جي سياحت جي شعبي کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي ٿو ۽ علائقي ۾ معاشي ترقي جا موقعا پيدا ٿيندا، لاڳاپيل عملدار اعليٰ تعليم ۽ فني تعليم جي شعبن ۾ سمورن صوبن ۾ گلگت بلتستان جي شاگردن جي ڪوٽا وڌائڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرا??ي موجب نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان چيئرمين راجا ناظم الامين جي قيادت ۾ رائل فائونڊيشن آف گلگت بلتستان جي 17 رڪني وفد ملاقات ڪئي. نگر??ن وزيراعظم چيو ته گلگت بلتستان قدرتي وسيلن سان مالامال آهي ۽ اتان جا ماڻهو مهمان نواز آهن. هن چيو ته مواصلاتي نظام ۽ ٻئي ضروري انفراسٽرڪچر جي تعمير سان گلگت بلتستان جي سياحت جي شعبي کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي ٿو ۽ علائقي ۾ معاشي ترقي جا موقعا پيدا ٿيندا، اسڪردو ايئرپورٽ کي عالمي حيثيت ملڻ کانپوءِ علائقي ۾ سياحت ۾ مثبت رجحان ڏسڻ ۾ آيو آهي، پاڪستان سان سياحت جي شعبي ۾ حصيداري جي لاءِ ڪيترا??ي ملڪ دلچسپي ظاهر ڪري چڪا آهن. نگر??ن وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي گلگت بلتستان ۾ بجلي جي مسئلن جي پائيدار حل ڳولڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. هن لاڳاپيل عملدارن کي اعليٰ تعليم ۽ فني تعليم جي شعبن ۾ سمورن صوبن ۾ گلگت بلتستان جي شاگردن جي ڪوٽا وڌائڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگر??ن وزيراعظم چيو ته گلگت بلتستان جي مجموعي ترقي علائقي ۾ سماجي هم آهنگي تي منحصر آهي. نگر??ن وزيراعظم رائل فائونڊيشن آف گلگت بلتستان جي علائقي جي ترقي جي لاءِ خدمتن کي پڻ ساراهيو. وفد نگر??ن وزيراعظم کي گلگت بلتستان جي مختلف شعبن ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ تجويزون پيش ڪيون. نگر??ن وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته گذريل سال گلگت بلتستان ۾ 16 لک ک??ن وڌيڪ سياح اچي چڪا آهن.