اسلام آباد-08 فيبروري (اي پي پي) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا اليڪشن پرامن منعقد ڪرڻ تي پوري قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته چونڊن جي پرامن منعقد ٿيڻ جهڙي اهم ترين قومي فرض ۽ آئيني ذميواري جي تڪميل ۾ ڪميشن جي سرخرو ٿيڻ تي الله پاڪ جو شڪر گذار آهيان. قوم جي نالي پن??نجي پيغام ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر پاڪستاني عوام ۽ سمورن ادارن سميت قومي ۽ صوبائي نگران حڪومتن، سياسي پارٽين، سيڪيورٽي ادارن، پوليس ۽ سول ايڊمنسٽري??ن، پاڪستان آرمي، قومي ميڊيا، ووٽرز، رٽرننگ آفيسرن، پرزائيڊنگ آفيسرن ۽ ٻي پولنگ عملي سان گڏوگڏ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن، ساٿين ۽ پن??نجي ٽيم جو به شڪريو اد?? ڪيو جن جي ڏينهن رات جي محنت سان ان عظيم ذميواري جي تڪميل ۾ ڪاميابي نصيب ٿي. هن چيو ته اڃان اسان پن??نجي ذميواري جو هڪ حصو مڪمل ڪيو آهي، پولنگ جي عمل جي تڪميل ٿي آهي ۽ هاڻي غير حتمي نتيجن جي تياري جو ڪم شروع ٿي چڪو آهي، مون کي اميد ۽ اعتماد آهي ته اسان جا رٽرننگ آفيسر ان اهم ڪم جي تڪميل ۾ انتهائي ذميواري جو مظاهرو ڪندا ۽ نتيجن جي وقت سر تربيت ۽ فراهمي کي ممڪن بڻائيندا.