اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مرضن جي اعلان کان وڌيڪ بچاءُ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ بيمارين جو علاج مهانگو آهي، صحت جي نظام تي بار پوي ٿو، بيمارين کان بچاءُ سا?? ملڪ جي صحت جي نظام تي دٻاءُ ۾ گهٽتائي ايندي، ماڻهن ۾ احتياطي تدبيرن بابت شعور اجاگر ڪرڻ ??ي ضرورت آهي. هو پاڪستان نيشنل هارٽ ايسوسيئيشن (پناهه) جي وفد سا?? ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. پناهه جي صدر ميجر جنرل (ر) مسعود الرحمان ڪياني صدر کي غيرمتعدي بيمارين ۽ دل جي مرضن جي حوالي سا?? پناهه جي ڪردار بابت بريفنگ ڏني. صدر چيو ته غيرمتعدي مرضن ۽ دل جي مرضن جي روڪٿام لاءِ آگاهي پ??دا ڪرڻي پوندي. بيمارين کان بچاءُ جي لاءِ ميڊيا، مقامي آبادي، مسجدن ۽ غي??سر??اري تنظيمن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، آگاهي پيغام وڏي پئماني تي ماڻهن تائين پهچائڻ جي لاءِ جديد پليٽ فارمز کي استعمال ۾ آندو وڃي. وفد صدر کي مختلف بيمارين بابت آگاهي، ڪنٽرول ۽ تربيت جي حوالي سا?? پناهه جي سرگرمين بابت ٻڌايو ته پنهنجي قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين پناهه عوامي آگاهي جي لاءِ مختلف پليٽ فارمز جو استعمال ڪري رهي آهي، پناهه هيستائين آگاهي واڪس، سيمينارز، ليڪچرز ۽ تربيتي سيشنز جو اهتمام ڪري چڪي آهي، پناهه صحتمنداڻي سرگرمين ۽ طرز زندگي بابت به آگاهي پ??دا ڪري ٿي. وفد صدر کي پناهه جي سرگرمين ۽ ڪارڪردگي جي حوالي سا?? رپورٽ پڻ پيش ڪئي. صدر بيمارين خاص طور تي دل جي مرضن جي حوالي سا?? آگاهي پ??دا ڪرڻ ۾ پناهه جي ڪردار کي ساراهيو.