اسلام آب??د -11 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار افغانستان ۾ شديد برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي وزير ايڪس تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ افغانستان جي ڪيترن ئي صوبن ۾ شديد برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ۽ عوام مت??ثر خاندانن ۽ مت??ثر ماڻهن سان تعزيت جو اظهار ڪن ٿا. هن چيو ته ٻوڏ دوران گم ٿيل افغان شهرين جي جلد دستيابي لاءِ دعاڳو آهيان.