اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڪڻڪ جي مناسب قي??ت، وقت سر قدمن ۽ خريداري جو عمل هموار بڻائڻ ضروري آهي، آبادگارن جي حوصلا افزائي سان ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار وڌائڻ ۾ مدد ملندي، آبادگارن کي ڪڻڪ جي مناسب قي??ت، بارداڻو حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري جي ص??ارت ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي خريداري سان لاڳاپيل معاملن تي اجلاس ايوان صدر ۾ ٿيو. اجلاس ۾ غذائي تحفظ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، وزارت ۽ پاسڪو جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته آبادگارن جي مفادن جي تحفظ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي، ملڪ جي اٽڪل 65 سيڪڙو آبادي ڳ??ٺاڻي ع??ائقن ۾ رهي ٿي، آبادگارن کي ڪڻڪ جي مناسبقيمت جي فراهمي سان ڳوٺاڻي معيشت کي فروغ ملندو. هن چيو ته غذائي تحفظ، مستقبل جي غذائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ اسٽريٽجڪ ذخيرا برقرار رکڻا پوندا، ڪڻڪ ذخيرو ڪرڻ جي جديد سهولتن جي تعمير جي لاءِ نجي شعبي کي آسان قرض ڏنا وڃن، وقت سر پاليسي قدمن، مستقبل جي ضرورتن جي ص??يح اڳڪٿي جي لاءِ اعتماد جوڳي ڊيٽا جي دستيابي جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ صدر پاران زرعي شعبي کي ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ جي ??جو??ز پن پيش ڪئي وئي.