اسلام آباد – 09 – جولائي (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي جمهوريه آذربائيجان جو صدر الهام عليوف 11 کان 12 جولاءِ تائين ??اڪ??تان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏي??ي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب دوري دوران صدر الهام عليوف صدر آصف علي زرداري ۽ ??زي??اعظم محمد شهباز شريف سان ملاقاتون ڪندو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڌريون ??طرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏيل دلچسپي جي شعبن تي وسيع پئماني تي ڳالهه ٻولهه ڪنديون. اميد آهي ته دوري دوران ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ??ڻ ٿينديون. بيان موجب آذربائيجان جي صدر جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط تعاون ۽ قيادت جي سطح تي ڳالهه ٻولهه جي عڪاسي ڪري ٿو.