ڪراچي-04 آگسٽ (اي پي پي)ڪراچ?? يونيورسٽي ۾ يوم استحصال، ڪشمير جو بحران جي عنوان سان سيمينار (اڄ) 5 آگسٽ تي منعقد ٿيندو. جاري پڌرائي مطا??ق سيمينار جو بندوبست يونيورسٽي جي شاگردن جي معاملن واري صلاحڪار آفيس ڪيو آهي. سيمينار صبح 11 وڳي چائنيز ٽيچرز ميموريل آڊيٽوريم ۾ ٿيندو. سيمينار جي صدارت يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خالد محمود عراقي ڪندو جڏهن ته اڳوڻو سفير ۽ تجزيه نگار جميل احمد خان، پاڪس??ان اسٽيڊي سينٽر ڪراچ?? يونيورسٽي جو اڳوڻو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر سيد جعفر احمد ۽ ڪراچ?? يونيورسٽي جي سياسيات واري شعبي جي اڳوڻي چيئرپرسن پروفيسر ڊاڪٽر تنوير خالد خطاب ڪندا.