اسلام آباد-23 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ملڪ کي صحيح رخ ۾ وٺي وڃڻ لاءِ ??عليم ۽ انساني وسيلن جي ترقي کي هٿي وٺرائڻ ضروري آهي.اهڙو اظهار هن ڪال??ه ضلعي ايجوڪيشن رپورٽ 2023ع جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته مسلم ليگ (ن) طرفان ماضي ۾ انساني وسيلن جي ترقي ۾ ڪيل سڌارا سياسي بي ڌياني جو شڪار ٿيا. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اسان کي دنيا ۾ مقابلو ڪرڻ لاءِ نوجوانن کي نوان هنر سيکارڻا ??وندا. وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته نوجوانن کي ملڪ جي معاشي ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ترقي لاءِ ??ڳو انفراسٽرڪچر ڪافي ناهي، دنيا ۾ ڪو به ترقي يافته ملڪ اهڙو ناهي جنهن تعليم جي شعبي کي نظرانداز ڪري ترقي ڪئي هجي. تعليم جي شعبي ڌيان نه ڏيڻ ترقي جي سفر ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي، جهڙي طرح ليپ ٽاپ، بنا سوفٽ ويئر بي معنيٰ هوندا آهن اهڙي طرح تعليم کانسواءِاسان پائيدار ترقي جو تصور نٿا ڪري سگهون. تعليم ۽ انساني وسيلن ۾ ترقي پائيدار معاشي ۽ معاشرتي ڍانچي جو بنياد رکن ٿا. اسان ويزن 2010ع ۽ ويزن 2025ع ۾ تعليم ۽ انساني وسيلن جي ترقي کي اهميت ڏني. وفاقي وزير چيو ته 1999ع ۾ جنرل مشرف مارشل لا لڳايو ته مون کيس خط لکيو ته ويزن 2010ع اسان جي سياسي پارٽي جو سياسي دستاويز ناهي، ملڪ جي اقتصادي ۽ سماجي ترقي لاءِ ويزن 2010ع تي عملدرآمد جاري رکيوو ڃي. هن چيو ته اسان 2017ع ۾ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ضلعي سط?? تي غربت جو تعين ڪرڻ لاءِ ??پورٽ جاري ڪئي، اڄ انهي تسلسل کي برقرار رکندي اسان ضلعي سط?? تي تعليم جي صورتحال تي اهم رپورٽ جاري ڪئي آهي. وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته ميڊيا سياسي اختلافن کي ڌيان ڏيڻ بدران تعليم، صحت، سماجي سط?? تي درپيش بنيادي مسئلن کي ڪوريج ڏي.ميڊيا پاڪستان کي درپيش بنيادي مسئلن کي بحث جو موضوع بڻائيندو ته هر تڪ ۽ ضلعي سط?? تي ترقي جو عمل شروع ٿيندو.