اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف سان اسڪوائش جي ناليواري رانديگر ۽ اڳوڻي عالمي ۽ برٽش اوپن چيمپيئن جان شير خان ملاقات ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي جان شير خان جي علاج جي حوالي سان هر ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مح??د شهباز شريف جان شير خان سان ڳالهائيندي ??يو ته ملڪ ۾ اسڪوائش جي راند کي مقبول بڻائڻ ۽ ان راند جي فروغ جي ل??ءِ توهان جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، توهان کي پنهنجي راند جي ذريعي پاڪستان جو نالو پوري دنيا ۾ روشن ڪيو. وزيراعظم ??يو ته پوري قوم کي توهان جي ڪاميابين تي فخر آهي، حڪومت ملڪ ۾ اسڪوائش سميت سمورن رانديگرن جي فروغ جي ل??ءِ خاطرخواهه قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم ??يو ته نوجوانن کي راندين جي ميدان ۽ اسپورٽس ??ي بهترين سهولتن جي فراهمي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي.