اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي واري وزارت اقتصادي ۽ مالياتي سڌارن لا??ِ ناڻي واري وزير جو صلاحڪار مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ناڻي واري وزارت موجب صلاحڪار اقتصادي ۽ مالياتي سڌارن جي عهدي تي مقرريءَ جو خواهشمند ام??دو??رن کان 9 سيپٽمبر تائين درخواستون طلب ڪيون ويون آهن. ام??دو??رن کي عهدي لا??ِ نيشنل جاپ پورٽل ذريعي آن لائن درخواست ??يڻ?? پوندي. ڪامياب ام??دو??ر کي اسپيشل پروفيشنل پي اسڪيل ون جي برابر پگهار ڏني ويندي. اڪنامڪ اينڊ فنانشل ريفارمز يونٽ ۾ مقرري جي مدت 2 سال مقرر ڪئي وئي آهي. صلاحڪار لاءِ گهٽ ۾ گهٽ تعليمي قابليت فنانس، اڪنامڪس يا لاڳاپيل فيلڊ ۾ ماسٽر ڊگري مقرر ڪئي وئي آهي. شارٽ لسٽڊ ام??دو??رن کي طئي ٿيل قاعدن موجب انٽرويو لاءِ گُهرايو ويندو. ٻن سالن جي ڪانٽريڪٽ ملازمت ڪندڙ صلاحڪار کي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي واڌ ملي سگهي ٿي.